سخي سيد طالب حسين شاهه جو ميلو

سخي سيد طالب حسين شاهه جو ميلو: سخي سيد طالب حيسن شاهه جو ساليانو ميلو 11، 12 ۽ 13 ربيع الثانيءَ تي ڀان سيدآباد لڳ ڳوٺ ڀنڀڻ ۾ ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ ملاکڙو به ٿيندو آهي، جنهن ۾ اتر ۽ لاڙ جي مشهور پهلوانن ۾ انعامي مقابلو ٿيندو آهي. ان کان علاوه ڪٻڊي راند، سرڪس، موت جو کوهه، ٻارن جي لاءِ جهولا، رڇ ۽ ڪتي جي ويڙهه، دڪان سينگاريندڙ ۾ انعامي مقابلو، ڀلن ڍڳن، گهوڙن ۽ اُٺن جي ريس جو مقابلو ۽ راڳ جي محفل ٿيندي آهي، جنهن ۾ سنڌ جا مشهور راڳي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. هن ميلي ۾ درگاهه تي گل جي چادر پڻ چاڙهي ويندي آهي. ميلي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارن جي تعداد ۾ عقيدتمند ۽ مريد ايندا آهن، جن جي لاءِ لنگر ۽ رهائش جو پڻ جوڳو انتظام هوندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو